زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشن آزادي فٽسال چيمپيئن شپ جاري

news

ٽنڊوڄام: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع:زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ فٽسال ايسوسيئشن پاران جشن آزادي فٽسال چيمپيئن شپ جاري آهي. چيمپيئن شپ ۾ ڪوارٽر فائينل مقابلا کيڏيا ويا.

چيمپيئن شپ جي پھرين ڪوارٽر فائينل ۾ فرينڊز فٽسال ڪلب ٽنڊوڄام، حبيب اليون ٽنڊوالھيار کي بھترين مقابلي بعد پينلٽي ڪڪ تي شڪست ڏني.

ٻئي ڪوارٽر فائينل ۾ ينگ مسلم ميرپورخاص، نيو ماڊرن ڪلب کي 3-1 تان ھارايو. ٽئين ڪوارٽر فائينل ۾ شھداء اسپورٽس ٽنڊوڄام جي ٽيم ذيل پاڪ حيدرآباد جي ٽيم کي 3-1 تان شڪست ڏني. چيمپيئن شپ جي چوٿين ڪوارٽر فائينل ۾ ٽنڊوڄام يونائيٽڊ، ينگ بوائز حيدرآباد کي 3-0 تان هارايو.

ڪوارٽر فائينل جي ميچن جي مھمان خاص ٽنڊوڄام جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر اڪرم راجپوت سان رانديگرن جو تعارف ڪرايو ويو.

جڏھن ته انھي موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائزر انوار حسين خانزادو، محمد اختر آرائين، حاجي صغير، عبدالمومن راجپوت، عبدالتوحيد عرف ڇوٽو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.01