قلوپطرا جي استعمال هيٺ ٻه هزار سال پراڻي پرفيوم ٻيهر تيار

news

واشنگٽن: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع: ايڪونجاهه قبل مسيح کان 30 قبل مسيح تائين قديم مصر تي حڪمران رهندڙ مشهور راڻي قلوپطرا سان حسن، عاشقي، بيوفائي ۽ بي حيائي کان علاوه نفاست ۽ نزاڪت جون ڪهاڻيون به سلهاڙيل آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته قلوپطرا کي پرفيومز جو غيرمعمولي شوق هو ۽ هوءَ ڪجهه مخصوص خوشبوءِ گهڻي پسند ڪندي هئي.

هاڻ يونيورسٽي آف هوائي جي قديم آثارن جي ماهرن اڄ کان 2 هزار سال اڳ راڻي قلوپطرا جي استعمال ۾ رهندڙ پرفيومز جا فارمولا هٿ ڪرڻ کانپوءِ انهن کي عطن جي ماهرن جي مدد سان ٻيهر تيار پڻ ڪري ورتو آهي. انهن پرفيومز کي آمريڪا جي نيشنل جيوگرافڪ ميوزيم ۾ ڪوينز آف ايجپٽ (مصر جي راڻين) جي عنوان سان جاري نمائش ۾ رکيو ويو آهي جيڪا واشنگٽن ۾ 15 سيپٽمبر 2019ع تائين جاري رهندي، نمائش ۾ ايندڙ ماڻهو انهن خوشبوئن کي سنگهي راڻي قلوپطرا جي شوق جو چڱي طرح اندازو لڳائي سگهن ٿا.

مصر ۽ يونان جي قديم مخطوطات ۾ راڻي قلوپطرا جي استعمال هيٺ ٻن خوشبوئن (منديشيئن ۽ ميٽوپيئن) ۽ انهن جي اهم جزن جو ذڪر خاصيت سان ۽ ڪيترائي ڀيرا ملي ٿو، قدرتي جذن ۽ خوشبودار تيل کان علاوه انهن ٻنهي خوشبوئن ۾ مر چورائيندڙ هڪ جزو پڻ شامل هو جنهن کي آفريڪا ۽ ايشيا ۾ ڦٽندڙ گلدار وڻن مان حاصل ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ منديشيئن خوشبوءِ هلڪي ۽ لطيف احساس ڏيندڙ آهي جڏهن ته ميٽوپيئن وڏي حد تائين مشڪ عنبر سان هڪجهڙائي آهي پر چڱي تيز ۽ نڪ ۾ چڀندڙ آهي.