وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، نيب قانونن تي نظرثاني جي هدايت

news

اسلام آباد: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع: وفاقي ڪابينا ڪاروباري ماڻهن ۽ بيوروڪريٽس بابت قومي احتساب بيورو قانونن تي نظرثاندي جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال سميت ٻين ملڪي معاملن تي اهم فيصلا ڪيا ويا.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هو ته ڪابينا والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار خوشي جوڳو قرار ڏنو.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا کي آمريڪي صدر ٽرمپ سان والاريل ڪشمير جي حوالي سان فون تي رابطي تي پڻ اعتماد ۾ ورتو.

فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته ڪابينا نيب قانونن جي ڪري ڪاروباري برادري ۽ سرڪاري آفيسرن کي پيش ايندڙ ڏکيائين تي تفصيلي غور ڪيو.

هن جو چوڻ آهي ته نيب جي ڪري ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون ان ڪري ڪابينا ڪاروباري ماڻهن ۽ بيوروڪريٽس بابت نيب قانونن تي نظرثاني جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان تي وڌيم مشاورت پڻ ٿيندي.

فردوس عاشق اعواڻ موجب ڪابينا چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري طرز تي ترڪي سان به هڪ اقتصادي فريم ورڪ جي منظوري ڏني آهي، پاڪستان ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ترڪي جو صدر طيب اردگان سربراهي ڪندو ۽ ان سان ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ آزاد واپار کي هٿي ملندي.