ڪشمير جو ڪيس شهيد ڀٽو جي فلسفي موجب وڙهنداسين: بلاول ڀٽو

news

استور: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي عوامي خان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان کي ڪشميري ڀائرن سان گڏجي وڙهڻو آهي، ڪشمير تي حملو اصل ۾ مسلمان امت ۽ گڏيل قومن تي حملو آهي.

استور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ نوڪريون کسي رهيو آهي، گهر ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ عوام کان ڇت کسي رهيو آهي، غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، هر شئي تي ٽيڪس هڻي غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف منهنجو سياسي مخالف آهي پر سياسي مخالف کي بليڪ ميل ڪرڻ بدلي آهي، ستر ورهين جي نواز شريف کي ڌيءِ سميت جيل موڪلڻ بزدلي آهي.

هن جو چوڻ هو ته ڪشمير جو ڪيس شهيد ڀٽو جي فلسفي موجب وڙهنداسين، ڪٺ پتلي وزيراعظم ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ جي اهليت ناهي، اها ڪٺ پتلي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ بدران سياسي مخالفن کي جيلن ۾ بند ڪري رهيو آهي، ڪشمير تي حملو اصل ۾ مسلمان امت ۽ گڏيل قومن تي حملو آهي، اوهان کي ڪشميري ڀائرن سان گڏجي وڙهڻو آهي.