سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس، اڳوڻي صدر مشتاق پٺاڻ جي استعيفيٰ منظور

news

ڄامشورو: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع:سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين مشتاق پٺاڻ جي استيعفيٰ کانپوءِ سوسائٽي سيڪريٽري محمد عثمان پاران گذريل رات سوسائٽي مئنيجمينٽ ڪميٽي آفيس ٻاهران جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ سوسائٽي جي بنيادي ميمبرن ڊاڪٽر محمد علي مهيسر،  جي ايم انصاري، ڊاڪٽر سڪندر علي ميمڻ،  شوڪت حسين شورو،  ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ڌاريجو،  آپا قمر واحد،  ثاقب علي ۽ شاھ حسن سميت وڏي انگ ۾ سوسائٽي جي رهواسين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي چيئرمين مشتاق پٺاڻ پاران ڏنل استعيفيٰ جي جنرل باڊي مان منظوري ورتي وئي ۽ سوسائٽي جي نئين چيئرمين شپ لاءِ عبدالله عباسي جي نالي جي منظوري ڏني وئي،  موجوده باڊي ختم ڪري محمد عثمان ٻٽ جي سربراهي ۾ نگران ڪاميٽي جوڙي وئي،  جڏهن ته ٻيهر الڪشن ڪرائڻ لاءِ تهمينا مفتي کي اليڪشن ڪميشن جي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا هڪ مهيني اندر اليڪشن ڪرائڻ جي پابند هوندي.

ان موقعي تي سوسائٽي جي سيڪريٽري محمد عثمان ٻٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڳوڻي چيئرمين مشتاق پٺاڻ جي استيعفيٰ کانپوءِ اسان جمهوري رستو اختيار ڪري سوسائٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو آهي جڏهن ته ان کان پهريان جنرل باڊي جو اجلاس ڪيترن ئي ورهين کان نه ٿيو هو. هن جو چوڻ هو ته مئنيجمينٽ ڪميٽي جا ڪجھ ميمبر پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سوسائٽي کي تباهي جي ور چاڙهيو آهي، انهن سوسائٽي ۾ کائو ۽ کائڻ ڏيو وارو نظام قائم ڪيو، سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضا ڪرايا، رهائشي سوسائٽي کي ڪاروباري سوسائٽي بڻايو جنهن سبب آبادي جي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جڏهن به سوسائٽي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم وڌايون ٿا ته اسان جي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي فائونڊر ميمبر ۽ جنرل باڊي ذريعي چونڊيل نئين چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبيدالله عباسي جنرل باڊي جي اجلاس دوران چيو ته اسان تمام وڏي جدوجهدن کانپوءِ يونيورسٽي جي اڳوڻي انتظاميائن ۽ سينڊيڪيٽ مان سوسائٽي لاءِ سون جهڙي زمين ورتي،  جيڪڏهن اسان سوسائٽي لاءِ اها زمين نه وٺي سگهون ها ته اڄ بستي ۽ ڦاٽڪ جهڙن علائقن ۾ رهون ها.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجھ مفاد پرست ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي اسان تي تنقيد ڪري اسان کي سوسائٽي جي معاملن کان پاسي تي ڪرڻ چاهين ٿا پر سوسائٽي اسان جو گهر آهي ۽ ان جي بهتري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهنداسين.01