مصباح الحق کي چيف سليڪٽر بنائڻ جي تجويز رد

news

لاهور: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جو پري سيزن ڪيمپ هن وقت لاهور ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن جي لاءِ بورڊ 45 سالن جي مصباح الحق کي ڪيمپ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو آهي.

اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان مينجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ ڪرڪيٽ ڪميٽي جو به ميمبر آهي. پاڪستان جي لاءِ 2001 کان 2017 تائين 75 ٽيسٽ، 162 ون ڊي ۽ 39 عالمي ٽي 20 کيڏندڙ مصباح الحق جي حوالي سان اهي خبرون هلي رهيون آهن ته بورڊ مصباح الحق کي ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر بنائڻ جي خواهش رکي ٿو.

ان ڳالهه جي ان وقت وڌيڪ پڪ ٿي جڏهن بورڊ ڪنهن وڏي فيصلي کان اڳ مصباح الحق کي ڪيمپ جي لاءِ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو. پر هاڻ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته 56 ٽيسٽ ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ مصباح الحق هيڊ ڪوچ بنجڻ جو مضبوط اميدوار آهي ۽ ان سان گڏ ئي کيس مينٽور به بنايو پيو وڃي پر مصباح الحق کي چيف سليڪٽر بنائڻ جي تجويز رد ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته پي سي بي ايندڙ ڊوميسٽڪ سيزن جي لاءِ 6 صوبائي ٽيمن جي چونڊ جي لاءِ جن ۾ ٽي رڪني پينل جوڙيو آهي ان ۾ مصباح الحق کي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان راشد لطيف ۽ اڳوڻي ٽيسٽ اسپنر نديم خان سان گڏ شامل ڪيو ويو آهي.