رمضان شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

news

لاهور: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.

ذريعن موجب احتساب عدالت جو جج وسيم اختر ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي حمزه شهباز کي اڄ عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويندو. عدالت طرفان رمضان شوگرملز ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي پر ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار  ڪرڻ تي عدالت گواهن کي طلب ڪري رکيو آهي.

ٻئي طرف قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان رمضان شوگرملز ڪيس ۾ 46 گواهه پيش ڪيا ويندا. جڏهن ته عدالت ۾ هينئر تائين نيب جي طرفان پيش ڪيل هڪ گواهه جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي ان ڪيس ۾ به 14 فيبروري تي لاهور هاءِ ڪورٽ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي هئي. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تي رمضان شوگرمل جي لاءِ سرڪاري ناڻي مان نالا ۽ پل ٺاهڻ جو الزام آهي.