مائيڪ بيسن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ بنجڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

news

لاهور: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪوچ مائيڪ بيسن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ بنجڻ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون.

نيوزيلينڊ جي ميڊيا رپورٽس موجب هن هيڊ ڪوچ بنجڻ جي لاءِ درخواست ناهي ڏني ۽ هو ان ۾ اميدوار طور به  شامل ناهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائيڪ بيسن صرف ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ جي لاءِ درخواست ڏني هئي.

بيسن 6 سالن تائين نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪئي جنهن کان پوءِ گذريل سال ذاتي سببن جي ڪري هو هن عهدي کان الڳ ٿي ويو.

ذريعن موجب مائيڪ بيسن جي انڪار کان پوءِ اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ ڪميٽي جو ميمبر مصباح الحق  هيڊ ڪوچ بنجڻ جو مضبوط  اميدوار بڻجي ويو آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته هيڊ ڪوچ کي چار سال يعني 2023 جي ورلڊ ڪپ تائين مقرر ڪيو ويندو پر هر سال سندس ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو.