مريم نواز ۽ يوسف عباس جو چوڏنهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

news

لاهور: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) لاهور جي احتساب عدالت چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ يوسف عباس جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

رپورٽ موجب احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج نعيم ارشد رمانڊ منظور ڪندي جوابدارن کي 4 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نيب اختيارين طرفان مريم نواز ۽ يوسف عباس جي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي. ٻڌڻي کان پوءِ نيب اختيارين عدالت مان مريم نواز ۽ يوسف عباس کي وٺي روانو ٿي ويا.

ڪيس جي جاچ دوران مريم نواز جي شيئر هولڊ هجڻ جي انڪشاف تي پهريون دفعو کيس 31 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو هو.

مريم نواز 45 منٽن جي پڇاڳاڇا دوران شيئر جي خريداري بابت  نه ڪو رڪارڊ ڏئي سگهي ۽ نه ئي جوابن سان جاچ ٽيم کي مطمئن ڪري  سگهي. جنهن سبب(ن) ليگي اڳواڻ کي ٻيهر 8 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.