ديني مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا: آرمي چيف

news

راولپنڊي: اربع 21 آگسٽ 2019ع: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان اتحاد تنظيمات مدرسن جي انٽرميڊيٽ امتحان جي پوزيشن هولڊر شاگردن ملاقات ڪئي، مدرسن جي 4 شاگردياڻين سميت 13 شاگردن مختلف بورڊز ۾ پوزيشنز حاصل ڪيون، آرمي چيف پوزيشن هولڊرز ۾ انعام، والدين ۽ استادن ۾ سووينيئرز ورهايا.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ديني مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪرندا، مدرسن جي شاگردن کي نوڪرين جا موقعا ملندا.