ٽنڊو محمد خان ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر فوت

news

ٽنڊومحمدخان: اربع 21 آگسٽ 2019ع:ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ شيخ فريد جو رهواسي 8 سالن جي معصوم ننيگر شگن پٽ نارو ڪولهي کي شهر جي لاکاٽ روڊ تي خانگي اسپتال ۾ عطائي ڊاڪٽر رجب ميمڻ معصوم ٻار کي بخار دوران غلط انجيڪشن لڳائي ڇڏي، جنهن ۾ معصوم نينگر تڙپي تڙپي موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ نينگر جي وارثن معصوم نينگر جي لاش کي ٽنڊومحمدخان جي سٽي ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي فوتي معصوم نينگر جي والد ناور ڪولهي عطائي ڊاڪٽر خلاف اين سي داخل ڪرائي.

پوليس جي ڏنل ليٽر تي ٽنڊومحمدخان جي ڊسٽرڪٽ سول  اسپتال مان معصوم نينگر جي لاش جوپوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ هو ته سندس چوڻ هو وارث نينگر جي  لاش کي پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا آهن، جتي معصوم نينگر جي فوتگي تي آخري رسمون ادا ڪري بعد ۾ اچي سٽي ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائيندا.

معصوم نينگر جي فوتگي ۾ ڄاڻايل جوابدار عطائي ڊاڪٽر رجب ميمڻ جي جلد گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي، جيڪو معصوم نينگر جي فوتگي بعد پنهنجي اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته معصوم نينگر کي بخار اچڻ تي اسان اچي عطائي ڊاڪٽر کان اعلاج ڪرايو.

اسان غريب مسڪين هاري آهيون، اسان سان انصاف ڪري عطائي ڊاڪٽر کي فوري طور پوليس گرفتار ڪري سزا ڏياري. هوڏانهن آخري اطلاع تائين عطائي ڊاڪٽر رجب ميمڻ اڃا تائين پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو آهي.01