نوجوانن پاران واڳونءَ جو شڪار ۽ باربي ڪيو پارٽي

news

جوهانسبرگ: اربع 21 آگسٽ 2019ع: سعودي عرب جي نوجوانن حيران ڪندر طور تي واڳونءَ جو شڪار ڪري باربي ڪيو پارٽي ڪري ڇڏي، ان خبر جي سامهون اچڻ کانپوءِ هر ڪو حيران ۽ پريشان ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اها حيران ڪندڙ خبر سعوديع رب جي نوجوانن طرفان سامهون آئي جيڪي سياحت لاءِ ڏکڻ آفريڪا ويا هئا، انهن واڳونءَ جو شڪار پڻ ڪيو ۽ باربي ڪيو پارٽي پڻ ڪئي. خابرو اداري موجب نوجوانن شڪار ۽ باربي ڪيو جي وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي فخريا انداز ۾ پيش ڪئي جڏهن ته واهپيدارن طرفان مليل جليل رد عمل سامهون آيو.

ڪجهه ماڻهن واڳون کائڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪجهه چيو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ سعودي نوجوانن سٺي تفريح ڪئي. سوش: ميڊيا تي سنيپ چيٽ لاءِ شهرت رکندڙ ڪجهه سعودي نوجوانن مختلف انداز جي تفريح لاءِ ڏکڻ آفريڪا جو رخ ڪيو جتي انهن جي جهنگلي حيات تي ٺاهيل مختلف وڊيوز هزارين واهپيدارن طرفان پسنديدگي حاصل ڪري چڪا آهن.

انهن جي آخري مهم نه صرف واڳن جو شڪار هو پر انهن باربي ڪيو ٺاهي ان جا مزا پڻ ورتا، ٽوئيٽرتي وڊيو ايتري قدر وائرل ٿي وئي ته سعودي عالمن پڻ حصو ورتو جڏهن ته ان جي وچ ۾ اها بحث ڇڙي وئي ته ڇا واڳون حلال آهي يا حرام.

واهپيدار فهد المحمد چيو ته سعودين ڳئون، ٻڪري ۽ اُٺ کانپوءِ ڳوهه، زراف، گهوڙو ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا کائي ورتو ۽ هاڻ واڳون جو وارو آهي مون کي لڳي ٿو ته ياجوج ۽ ماجوج اسان مان هوندا.