شيرين مزاري پاران پريانڪا چوپڙا کي خيرسگالي سفير تان هٽائڻ لاءِ گڏيل قومن کي خط

news

اسلام آباد: اربع 21 آگسٽ 2019ع: انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هينريٽا ايڇ فور کي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي خيرسگالي سفير جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ باضابطه خط موڪلي ڇڏيو.

ڊاڪٽر شيرين مزاري پريانڪا چوپڙا جو معاملو گڏيل قومن آڏو اٿاريندر يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هينريٽا فور کي باضابطه خط موڪلي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته يونيسيف ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي امن جو سفير مقرر ڪري رکيو آهي، جڏهن ته امن جي نام نهاد سفير ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا پن آر ايس ايس جيان جنگي جنون ۾ ورتل نڪتي.

ڪشمير واسين جي نسل ڪشي والاريل ڪشمير ۾ بحراني ڪيفيت کي جنم ڏنو، قابض ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گن استعمال ڪري رهي آهي ۽ ڀارتي اداڪارا ظلم ۽ هٿڪنڊن جي کلي حمايت ڪري رهي آهي. خط موجب ڀارتي اداڪارا هندوستاني دفاعي وزير طرفان پاڪستان کي ڏنل جوهري حملي جي ڌمڪي جي پڻ تائيد ڪئي، ڀارتي اداڪارا امن جي سفير طور رويو پاڻ امن جي خلاف آهي، امن جي نام نهاد سفير طرفان جگن جي تائيد گڏيل قومن طرفان ڏنل عهدي جي خلاف آهي، جنگي جنون ۾ مبتلا ان عورت کي امن جي سفير جي منصب تان هٽايو نه ويو ته اهو عهدو ٺٺول جو نشانو بڻجي ويندو، اوهان کي عرض آهي ته ڀارتي اداڪارا کان يونيسيف جي خيرسگالي سفير جو عهدو فوري واپس ورتو وڃي.