موريا برادري زارا منگي جي وارثن سان گڏ آهي، جوابدارن کي ڦاسي ڏني وڃي: محب علي موريو

news

نئون ديرو: اربع 21 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ موريا فقير ۾ وحشي جوابدارن پاران اجتماعي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بنائڻ بعد بدترين تشدد جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيل بيبي زارا منگي جي قتل خلاف ڳوٺ موريه فقير جي موريا برادري جي ٻئي ڌر جي ماڻهن مخيتار علي موريو ۽ مير علي موريو جي اڳواڻي ۾ شهيد راڻي پريس ڪلب پهچي زارا منگي جي قتل ۽ منگي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

بعد ۾ محب علي موريو، رياض علي، عبدالرشيد ۽ امان الله موريو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ موريا فقير ۾ 28 ڏينهن اڳ اسان جي ڳوٺ جي نياڻي زارا منگي سان جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ اڄ اسين سڄي ڳوٺ جا موريا برادري جا ماڻهو احتجاج ڪري نياڻي زارا منگي جي وارثن سان اظهار يڪجهتي ڪيون ٿا. هنن چيو ته جوابدار ڌر جا ماڻهو مختلف طريقن ۽ بهانن سان زارا منگي جو ڪيس لوڙهڻ لاءِ پوليس مٿان سياسي دٻاءُ ۽ ڪوڙين درخواستن توڙي منگهڙت پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيس کي نئون رخ ڏياري گرفتار جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته اسان موريه برادري زارا منگي جي وارثن سان مڪمل طور گڏ آهيون ۽ ڊي آ جي لاڙڪاڻو پاران جوڙيل جي آءِ ٽي تي مڪمل اعتماد ڪيون ٿا. هنن چيو ته جوابدارن جا وارث بااثر آهن ۽ هو پوليس توڙي جي آءِ ٽي مٿان سياسي دٻاءُ وجهي جوابدارن کي بچائڻ چاهين ٿا جوابدار ڌر مقتولا زارا منگي جي وارثن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيا آهن جنهن ڪري منگي برادري جا ماڻهون ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته منگي توڙي موريا برادري هن ئي ڳوٺ جا رهواسي آهن ۽ منگي برادري پاران ڳوٺ ڇڏڻ تي اسان کي رنج پهتو آهي اسان زارا منگي جي وارثن سميت منگي برادري کي اپيل ٿا ڪيون ته هو پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ موٽي اچن، اسان کين تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هنن چيو ته مقتول بيبي زارا منگي سموري ڳوٺ وارن جي نياڻي هئي.

هنن چيو ته جوابدار ڌر پاران ڪوڙي پريس ڪانفرنس ڪري ڳوٺ جي ٻين بي گناهه ماڻهن کي ڦاسائي مقتولا زارا منگي جي ڪيس کي ٻيو رخ ڏئي خراب ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن جوابدارن جو ڪنهن طريقي سان بچاءُ ڪري سگهجي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪندي مقتولا بيبي زارا منگي جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي لکي عام ڦاسي ڏئي  مقتولا نياڻي زارا منگي سان انصاف ڪيو وڃي.01