مفت ٽيسٽ ۽ دوائن جون سهولتون ڦري عوام کي ڊينگي جي حوالي ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب

news

لاهور: (خميس 22 آگسٽ 2019ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائق حڪومت صحت جون سهولتون، مفت ٽيسٽ ۽ دوائون ڦري عوام کي ڊينگي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڊينگي جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته روزگار، ڪاروبار، ۽ مهانگائي جي سونامي جون تباهيون حڪومت جي بدانتظامي ۽ بدتر حڪمراني جو ثبوت آهن.حڪومت جي نااهلي ۽  فوري طور تي قدم نه کڻڻ سبب ڊينگي جو مرض وڌي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته نالائق حڪومت صحت جون سهولتون، مفت ٽيسٽ ۽ دوائون ڦري عوام کي ڊينگي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. شهباز شريف نه صرف پنجاب پر خيبرپختونخواهه کان به ڊينگي جي مرض جو صفايو ڪيو هو. 

مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت پنجاب ۾ بدانتظامي جو اهو حال آهي جو ڊينگي جا هزارين مريض اسپتال ۾ پيا آهن ۽ پنجاب جو وڏو وزير گم آهي.