پي سي بي جي نئين آئين جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ٽي رڪني پينل جو اجلاس اڄ ٿيندو

news

لاهور: (خميس 22 آگسٽ 2019ع) پي سي بي جي نئين آئين جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ 6 صوبائي ٽيمن جي چونڊ لاءِ 3 رڪني پينل جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

پي سي بي طرفان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي باقاعده طور تي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٽيمن جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ممڪن آهي. پي سي بي جي نئين ڊوميسٽڪ نظام ۾ محڪمه جاتي جي ٽيمن جو ڪردار ختم ڪيو ويو آهي. ان جي جڳهه تي هاڻ بلوچستان، سينٽرل پنجاب، خيبرپختونخواهه، نادرن ايريا، سنڌ ۽ سدرن پنجاب جون ٽيمون کيڏنديون.

گريڊ ون ۽ گريڊ ٽو جيان هر صوبائي ٽيم جي لاءِ 16-16 رانديگرن جي چونڊ ٿيندي اهڙي طرح گڏيل طور تي 192 رانديگرن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏيڻي پوندي. اڳوڻي سليڪٽرز توصيف احمد، وجاهت الله واسطي، وسيم حيدر سان گڏ جونيئر سيلڪٽرز سليم جعفر، ارشد خان، رائو افتخار، توفيق عمر سان گڏ ٻيا رانديگر به هن لسٽ جو حصو آهن. اڪرم رضا، اعظم خان، اعجاز احمد جونيئر ۽ راج هنس به ان ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

راشد لطيف، مصباح الحق ۽ نديم خان تي ٻڌل 3 رڪني پينل هاڻ ان لسٽ جو جائزو وٺندو ۽ جيڪڏهن ضروري ٿيو ته هو ان ۾ نوان نالا شامل ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا. پينل جا ميمبر صوبائي ٽيمن جي ڪپتانن جي نالن جي به سفارش ڪري حتمي لسٽ چيئرمين پي سي بي ۽ چيف ايگزيڪٽو وسيم خان جي حوالي ڪندا.