لاهور: (خميس 22 آگسٽ 2019ع) ڪرڪيٽ بورڊ جي پاليسي تحت هڪ دفعو ٻيهر ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه احسان ماني ۽ گورننگ بورڊ جي خرچن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
پي سي بي اختياريون هر 3 مهينن کان پوءِ خرچن جا تفصيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي پاليسي جاري رکندي پئي اچي. جنهن موجب گذريل هڪ سال ۾ ڪرڪيٽ سربراهه احسان ماني جا گڏيل خرچ هڪ ڪروڙ 3 لک 59 هزار 76 روپيه آهن.
بورڊ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته احسان ماني مختلف الائونسز جي مد ۾ 81 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. پي سي بي چيف جي رهائش جي مد ۾ 26 لک جڏهن ته 7 لک روپين کان وڌيڪ خرچ گاڏي ۽ ڊرائيور تي ڪيا ويا. ان جي پرڏيهي دورن تي ڪرڪيٽ بورڊ جي خزاني مان 50 لک روپيه ڪڍيا ويا.
چيئرمين پي سي بي جي گهر واري جا پرڏيهي دورا بورڊ کي 3 لک 30 هزار روپين ۾ پيا. ويب سائيٽ تي جاري ڪيل تفصيلن موجب احسان ماني جي پرڏيهي دورن تي 8 لک 92 هزار روپيه، سيڪيورٽي گارڊ ۽ ملازمن جي مد ۾ 3 لک 45 هزار روپيه ۽ گورننگ بورد جي ميٽنگ لاءِ 20 هزار روپيه خرچ ٿيا. هڪ سال ۾ چيئرمين پي سي بي جي صدارت گورننگ بورڊز جا 5 اجلاس مختلف شهرن ۾ ٿيا جنهن تي 45 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم خرچ ڪئي وئي.
بورڊ جي ميمبرن 10 لک 80 هزار روپين کان وڌيڪ جي رقم ميٽنگ الائونس جڏهن ته 9 لک 30 هزار روپين کان وڌيڪ جي رقم ڊيلي الائونس جي مد ۾ حاصل ڪئي. گورننگ بورڊ ميمبرن جي رهائش تي 10 لک 43 هزار، جڏهن ته 15 لک روپين کان وڌيڪ سفري خرچ به ڪاغذن جو حصو آهن.