سائنسدانن پاران بلڊ ٽيسٽ وسيلي موت جي اڳڪٿي جي دعويٰ

news

برلن: خميس 22 آگسٽ 2019ع: پوري دنيا ۾ سائنسدان طرح طرح جي اڳڪٿي ڪندا آهن ۽ ڪيترن ئي ۾ ڪامياب ٿيا آهن 7 ڪيترين ۾ ناڪام جڏهن ته جرمني ۾ موجود سائنسدانن بلڊ ٽيسٽ ذريعي موت جي اڳڪٿي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن جي موت جي باري ۾ 83 سيڪڙو درستگي تي ٻڌل اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمن سائنسدانن اهڙي بلڊ ٽيسٽ تيار ڪئي آهي جيڪا 10 سالن ۾ ڪنهن فرد جي موت جي امڪانن جي اڳڪٿي ڪري سگهندي، سائنسدانن 44 هزار ماڻهن جو تجزيو ڪرڻ کانپوءِ رت جا 14 اهڙا بائيوميڪر هٿ ڪيا آهن جيڪي موت جي خطري تي اثر انداز ٿيندا آهن.

خابرو اداري موجب اها بائيو ميڪر طاقت قوت مدافعت وٺي گلوڪوز ڪنٽرول، چرٻي جي گردش ۽ ورم وغيرا تي ٻڌل آهن، انهن بائيوميڪر تي ڪيل جربن دوران 2 کان 16 سال دوران ڪنهن جي موت جي باري ۾ 83 سيڪڙو درستي تي ٻڌل اڳڪٿيون ڪيون ويون، بلڊ ٽيسٽ في الحال عام استعمال لاءِ متعارف نه ڪرائي وئي پر سائنسدانن کي اميد آهي ته تحقيق جي نتيجن مان مستقبل ۾ ڪنهن مريض جي علاج لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

ماهرن اڳڀرائي قرار ڏيندي زور ڏنو ته وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي جنهن کانپوءِ ئي حقيقي زندگي ۾ استعمال لاءِ پيش ڪئي وڃي، ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ آف بائيولاجي آف ايجنگ جي تحقيق ۾ 18 کان 109 سال جي عمر جي هزارين ماڻهن جي رت نمونن جو تجزيو ڪيو ويو ۽ ان جا نتيجا طبي رسالي جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيا. ان کان اڳ گذريل سال آمريڪا جي يالي يونيورسٽي جي ماهرن هڪ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن بلڊ ٽيسٽ جو اهڙو طريقيڪار تيار ڪيو آهي جنهن وسيلي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته ڪهڙي فرد جي ڪيتري حياتي آهي.