گولاڙچي ويجھو جٽ ۽ آرائين برادري ۾ جھيڙو، فائرنگ سبب نوجوان قتل

news

گولاڙچي: خميس 22 آگسٽ 2019ع:گولاڙچي ويجھو زمين جي مالڪي جي مبينا تڪرار تان جٽ ۽ آرائين برادري ۾ جيھڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان غلام مصطفيٰ جٽ ٿڏي تي قتل ٿي پيو، جنھن جو مڙھ تعلقي اسپتال گولاڙچي آندو ويو.

ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي اٽالي ڊي ايس پي ستار ڪشميري جي اڳواڻي ۾ مبينا قاتل امانت آرائين جي گھر تي ڪڙو چاڙھي گھرن ۾ ڪاھي پئي. پر قاتل ھٿ نه آيو، پوليس گھر مان ھڪ موٽرسائيڪل پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي. ھوڏانھن اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آھي.01