حريت قيادت جي اپيل، ڪشميرين پاران اڄ ڪرفيو ٽوڙي ريليون ڪڍڻ جو اعلان

news

سري نگر: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: سري نگر ۾ اڄ حريت قيادت جي اعلان تي گڏيل قومن جي مبصر مشن جي آفيس آڏو ڀرپور احتجاج ٿي رهيو آهي، نه ڪيٻائيندڙ ڪشميري نوجوان جمعي جي نماز کانپوءِ  سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ريليون ڪڍندا، ڀارت ڪشميرين کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون.

اهو ظلم آخر ڪيستائين، اها بندش آخر ڇو، ظلم جا بت پاش پاش ڪرڻ جو وقت اچي ويو، ڪشميري اڄ ڪرفيو ٽوڙي ريليون ڪڍندا، سري نگر ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي آفيس تائين مارچ ٿيندو، جاءِ جاءِ تي لڳل پوسٽرز ۾ حريت اڳواڻن شهرين کان ڪرفيو ٽوڙي جمعي نماز ادا ڪرڻ ۽ ڀارتي قبضي لاءِ رستن تي اچڻ جي اپيل ڪئي آهي.

قابض فوج ڪشميرين جي احتجاج کي روڪن لاءِ رستن ۽ گهٽين ۾ قدم قدم تي رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون آهن، موبائل سروس بند، انٽرنيٽ معطل، کاڌي ۽ دوائن جي کوٽ جي باوجود ڪشميرين جو جذبو جوان آهي، نوجوان ڀارت کان وادي جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ آزادي جي تحريڪ کي منطقي انجام تائين کڻي آيا آهن.