اميزون جا ٻيلا خطرناڪ باهه جي لپيٽ ۾

news

برازيليا: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: دنيا جي ڦڦرن جي حيثيت رکندڙ سڀ کان وڏو برساتي ٻيلو اميزون هنن ڏينهن ۾ خطرناڪ باهه جي لپيٽ ۾ آهي، اميزون جا ٻيلا دنيا ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آڪسيجن پيدا ڪندا آهن.

تفصيل موجب دنيا جي سڀ کان وڏو برساتي ٻلو 30 لک کان وڌيڪ قسمن جي وڻن، ٻوٽن ۽ جانورن جو ڳڙهه آهي، باهه لڳڻ سبب انهن سڀني کي سخت خطرو آهي.

باهه سبب سڀ کان وڌيڪ برازيل جي حدن ۾ واقع ٻيلا متاثر ٿيا آهن، باهه ايتري قدر سخت آهي جو خلا مان پڻ دونهين جا ڪڪر ڏسي سگهجن ٿا، باهه برازيل جي ڪيترن ئي شهرن کي اونداهي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، ٻيلن کان 27 سئو ڪلوميٽر پري واقع برازييلين شهر سائوپولو ۾ دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هئا. ماحوليات جي سائنسدانن خطرو ظاهر ڪيو آهي ته ان باهه تي جلد قابو نه ڪيو ويو ته موسمياتي  تبدليني خلاف جنگ کي هڪ تباهه ڪندڙ ڌچڪو لڳي سگهي ٿو.