مودي جو جهاز پاڪستاني هوائي حدن مان گذري فرانس پهچي ويو

news

راولپنڊي: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو جهاز پاڪستاني حدن هوائي حدون استعمال ڪندي فرانس پهچي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو خاص جهاز ايئر انڊيا ون اڄ پاڪستاني حدن مان گذريو، جهاز نئين دلي کان اڏام ڀري ۽ فرانس وڃڻ لاءِ پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪيون جنهن جي لاءِ پاڪستاني اختيارين باقاعدا اجازت ڏني.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو جهاز تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين پاڪستاني هوائي حدن ۾ اڏامندو رهيو ۽ ان لاهور، جهلم ۽ پشاور جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ کانپوءِ گذرندي هو فرانس هليو ويو.

ذريعن موجب فيبروري کانپوءِ پهريون ڀيرو ڀارتي وزيراعظم جي جهاز پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪيون آهن.