سنڌ اسيمبلي جو هڪ سال، حڪومت کان ساڍا ٽي هزار کان وڌيڪ سوال، صرف ڏهه سيڪڙو جواب ملي سگهيا

news

ڪراچي: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: پاڪستان قائم ٿيڻ جي قرارداد پاس ڪندڙ تاريخي سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ سال دوران حڪومتي ڪارڪردگي عير اطمينان بخش رهي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن هڪ سال دوران سنڌ جي مختلف کاتن بابت ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ سوال جمع ڪرايا جن مان 90 سيڪڙو سوالن جا جواب سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي موڪليا ويا نه ئي ايوان جي ڪارروائي ۾ شامل ڪيا ويا.

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزيرن مختلف کاتن بابت ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ سوالن جا صرف 10 سيڪڙو سوالن جا جواب ايوان ۾ پيش ڪيا، منصوبابندي ۽ ترقيات واري کاتي، لينڊ يوٽيلائزيشن، گهرو ۽ خوراڪ سنڌ حڪومت جا اهڙا کاتا آهن جن بابت پڇيل سوالن جا لکت ۾ جواب سنڌ اسيمبلي جي ايجنڊا تي شامل ئي ناهن ڪيا ويا.

سنڌ اسيمبلي رڪارڊ موجب مختلف کاتن جي انچارج سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پهريان پارلياماني سال دوران هڪ ڀيرو به گهرو کاتي ۽ پوليس بابت پڇيل سوالن جا جواب ايوان ۾ نه ڏنا.

صحت، توانائي ۽ ٻيلي کاتي سڀ کان وڌيڪ سوالن جا جواب ايوان ۾ پيش ڪيا جڏهن ته راندين ۽ نوجوان جي معاملن، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ، منصوبابندي ۽ ترقيات، خوراڪ جي کاتن جا سوال ايجنڊا ۾ شامل ئي نه ڪيا ويا، رڪارڊ موجب سنڌ حڪومت جي 10 کاتن جي سوالن لاءِ سنڌ اسيمبلي جي سڀ کان ڊگهن سيشنز ۾ ڪوبه ڏينهن سوالن جو وقفي جو مقرر ئي ناهي ڪيو ويو.

سڀ کان وڌيڪ سوالن جو وقفو صحت ۽ بهبود آبادي، جيل کاتي، ثقافت ۽ سياحت، ٻيلي ۽ لائيو اسٽاڪ روينيو رليف ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن جي سوالن جو وقفو سنڌ اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو.