ڪرتارپور راهداري کولڻ ۽ افغانستان تي ٽي ڌري ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ جي باوجود ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شاهه محمود قريشي پاران پاڪ افغان ٽريڪ ٽو ڊائيلاگ جي شريڪن کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته پاڪستان سٺو پاڙو چاهي ٿو، افغان امن عمل لاءِ اسان کي ڪم ڪرڻو آهي ۽ اوهان کي ان تي يقين ڪرڻو آهي، افغانستان جو اوڀر بارڊر وڏو دوستاڻو آهي.

پاڪستان افغانستان لاءِ انتهائي دوستاڻو رويو رکي ٿو اسان تي اهو واضح آهي ته افغانستان ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته افغانستان ۾ صدارتي اليڪشن ٿئي، پاڪستان افغان صدارتي اليڪشن ۾ ڪنهن جي به حمايت يا مخالفت نه ٿو ڪري.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڀارت سان ڇڪتاڻ جي باوجود ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان گورونانڪ جي 550 هين سالگراهه تي سک پانڌيئڙن کي ڀليڪار ڪنداسين. پاڪ افغان ٽريڪ ٽو پراجيڪٽ سان لاڳاپيل اعليٰ سطح افغان وفد ڊاڪٽر شعيب سڊل جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت م پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي طئه ڪرڻ لاءِ ٽي ڌري ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪانفرنس ۾ پاڪستان چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير شريڪ ٿيندا، اها ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي.