گمبٽ ۾ صحافين پاران ڪشميرين جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو

news

گمبٽ: جمعو 23 آگسٽ 2019ع:والاريل ڪشميرين مٿان ظلم ڏاڍ ۽ صحافين جي قتل عام ميڊيا تي پابندي خلاف قلم ڌڻين جو گمبٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، اقوام متحدہ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.

تفصيل موجب والاريل ڪشميرين مٿان ظلم، ڏاڍ، صحافين جو قتل عام، سوشل ميڊيا تي پابندين خلاف گمبٽ يونين آف جرنلسٽس جي صدر صفدر علي سھتو، پريس ڪلب گمبٽ جي صدر قمر الدين شيخ، نويد احمد کهڙو، ڪشور ڪمار، اقبال احمد ابڙو، ادريس عباسي، شھزور حاڪم علي ڀٽي، ناظم ڄامڙو، سعيد سڪندر منگي، در محمد ميمڻ، محمد رمضان کھڙو، صدام حسين ناريجو، محمد نديم ملڪ، زبير احمد سيال، قربان علي گلال، ميان نظير اڄڻ، انور علي سمون، قاضي سرفراز، عمران قاضي، اصغر علي ميراڻي، مشتاق احمد ناريجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي اقوامي متحده ۽ عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته  ڀارت طرفان ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زياديتن جي حوالي سان اتان جي صحافين کي ميڊيا ڪوريج کان روڪيو ٿو وڃي، ڀارتي فوج پاران ڪشميرين ۽ صحافين تي تشدد ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي.

اسان پاڪستان جا صحافي ۽ عوام اھڙي ظلم جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اقوامي متحده ۽ عالمي برادري جي ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين مٿان ۽ صحافين تي تشدد قتل ميڊيا تي پابنديون جو فوري نوٽيس وٺي.01