ڀارت والاريل ڪشمير تان توجهه هٽائڻ لاءِ ڪوڙو آپريشن ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم

news

اسلام آباد: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تان توجهه هٽائڻ لاءِ ڪوڙو آپريشن ڪري سگهي ٿو.

ڀارت جي زنگيل پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي تياري، وزيراعظم عمران خان ڀارتي عزمن بابت عالمي برادري کي خبردار ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي دعويٰ آهي ته افغانستان مان ڪشمير ۾ دهشتگرد اچي ويا.

وزيراعظم جو اهو پڻ چوڻ هو ته اهڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن ته دهشتگرد ڏکڻ ڀارت ۾ داخل ٿي ويا، دنيا خبردار رهي ڀارت ڪو مس ايڊوينچر ڪري سگهي ٿو.