ميرپورخاص ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

news

ميرپورخاص: جمعو 23 آگسٽ 2019ع:تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد علي مري واسي پورهيت 40 سالن جي ڳوٺاڻي ڀورو ڪولهي جو ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، وارثن پاران ساهرن تي قتل ڪرڻ جو شڪ، پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي سول اسپتال آندو.

خبر موجب تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد علي مري واسي پورهيت 40 سالن جي ڀورو ڪولهي پاران ٻٻر جي وڻ ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ وارث لاش کي سول اسپتال کڻائي آيا.

ان موقعي تي فوت ٿيل جي ڀاءُ نانجي ڪولهي ٻڌايو ته ڀورو ڪولهي جي شادي روپان ڌيءَ هرسن ڪولهي سان ٿيل هئي، جنهن مان هڪ پٽ جو اولاد آهي. جڏهن ته ٻه مهينا اڳ ساهرا سندس گهرواري کي وٺي ويا هئا، جنهن بعد هي گهر واري کي وٺڻ لاءِ ساهرن ويو، جتي سالن کيس تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد هي واپس موٽي گهر آيو ۽ چيائين ته مونکي سالن مارڪٽ ڪئي آهي، جنهن بعد هي صدمي ۾ ورتل هو، اڄ صبح لاش ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگيل مليو، جنهن بعد اسان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي. هن چيو ته خدشو آهي ته کيس تشدد بعد قتل ڪيو ويو هجي.

ان ڪري پوليس معاملي جي جاچ ڪري ته جيئن حقيقت معلوم ٿي سگهي. هوڏانهن تعلقي پوليس پاران وارثن جي اهڙي بيان بعد فوتي جي ساهرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو ويو آهي. جڏهن ته لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل هو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو.01