موبائل لاءِ نقصانڪار ايپس جي حوالي سان وارننگ جاري

news

نيويارڪ: جمعو 23 آگسٽ 2019ع: گوگل اينڊرائيڊ پنهنجي سمورن واهپيدارن کي پلي اسٽور تي موجود ڪيترن ناليوارين ايپليڪيشنز موبائل فون تان فوري طور هٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. سمارٽ فونز کي نقصان پهچائيندڙ وڊيو گيمز ۽ ڪيمرا ايپليڪيشنز جيڪي هڪ محتاط انداز موجب 80 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيون ويون آهن ۽ پلي اسٽور تي موجود هيون.

سمارٽ فونز ۽ واهپيدار جي ذاتي نوعيت جي ڄاڻ لاءِ خطرناڪ تصور ڪيون ويندڙ اهي ايپليڪيشنز هڪ ڀيرو جڏهن انسٽال ڪيون وينديون آهن ته اهي ڳجهي طور تي اشتهارن وسيلي واهپيدارن جي حرڪتن تين ظر رکنديون آهن جڏهن ته ان کي موبائل تان ڊليٽ ڪرڻ پڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي. معاملي جي سختي ڏسندي گوگل اهڙيون سموريون ايپليڪيشنز پلي اسٽور تان هٽائي ورتيون آهن جيڪي هاڻ واهپيدارن کي ڊائون لوڊنگ لاءِ موجود نه هونديون.

انهن ايپليڪيشنز ۾ ميجڪ ڪيميرا، بلر فوٽو ايڊيٽر، بيڪ گرائونڊ ري پليسمينٽ، جهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون ايپليڪيشنز موجود آهن. ان حوالي اسن نجي سافٽ ويئر ڪمپني جي انجنيئر طرفان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو ايڊ ويئر ليڊن ايپليڪشنز ۾ 85 ايپس فوٽوگرافي ۽ گيمنگ جي زمري ۾ اينديون آهن جن کي 80 لک ڀيرا ڊائون لوڊ پڻ ڪيو ويو آهي.