نئون ديرو: پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران زارا منگي قتل ڪيس ۾ ٻن ڊاڪٽرياڻين کي شامل ڪرڻ خلاف احتجاج

news

نئون ديرو: جمعو 23 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ موريا فقير ۾ وحشي جوابدارن پاران بيدرديءَ سان قتل ڪيل پنجين درجي جي شاگردياڻي 10 ورهين جي بيبي زارا منگيءَ جي قتل ڪيس ۾ شروعاتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ نئون ديرو اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرياڻين ڊاڪٽر نائلا ڀٽو ۽ ڊاڪٽر افشين ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن طرفان اسپتال ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪيو ويو جنهن ڪري نئون ديرو سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن کان پهتل سوين مريض بغير علاج جي واپس موٽڻ تي مجبور جڏهن ته ڪيترائي مريض پرائيويٽ ڊاڪٽرن وٽان علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻجي ويا.

جنهن بعد پيراميڊيڪل عملي پاران ڊاڪٽرياڻين نائلا ڀٽو ۽ افشين ڀٽو سان گڏجي ايم ايس ڊاڪٽر امداد گهانگهرو، ڊاڪٽر گل محمد هڪڙو، ڊاڪٽر اياز شيخ، ڊاڪٽر مسروز ڀٽو، ضمير لاکو، رياض ڀرچونڊ، ڪنول ڀٽو، ريحانه انصاري، شبنم شيخ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال اندر ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران ڊاڪٽرن پاران ڊي آءِ جي پاران ڊاڪٽرياڻين مٿان قلم 201 لڳائي قتل ڪيس ۾ شامل ڪرڻ ۽ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ کي رد ڪيو آهي جتي ڳالهائيندي ڊاڪٽر نائلا ڀٽو چيو ته اسان مٿان ڪوتاهيءَ جو جيڪو الزام لڳايو ويو اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. اسان پنهنجي پيشي سان سچا آهيون ۽ معصوم نياڻيءَ بيبي زارا جي لاش پوسٽ مارٽم نيڪ نيتي سان ڪيو ۽ جيڪي به ڳالهيون هيون اهي اسان رپورٽ ۾ ڄاڻايون آهن. شروعاتي رپورٽ اسان اسپتال جي ايم ايل او جي مشوري سان تيار ڪئي.

جڏهن ته ليبارٽري جي پڪي رپورٽ ۾ سموريون حقيقتون شامل هيون. باقي اسان مٿان الزام لڳائي اسان کي بدنام ڪيو ويو آهي. اسان کي چيو ويو ته موت جو ڪارڻ معلوم ڏيو جيڪو اسان ڏسي ٻڌايو ته رسيءَ سان گهٽو ڏيڻ سبب زارا جو موت ٿيو آهي جڏهن ته ريپ بابت اسان سواب وٺي ليبارٽري اماڻيا ۽ جيستائين ليبارٽري جي رپورٽ اهو واضع نٿي ڪري تيستائين اسان ڪجهه به نٿا چئي سگهون.

اسان جي رپورٽ کي پوليس توڙي وارثن ٽوڙي مروڙي غلط ڪري پيش ڪيو جنهن ڪري اسان جي ساک کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. ڊاڪٽر افشين چيو ته اسان وٽ سڀ ثبوت آهن، جيڪي ڊي آءِ جي جي گهرائڻ تي اسان وياسين ۽ سمورا ثبوت پيش ڪيا، جنهن بعد ڊي آءِ جي اسان کي سومر ڏينهن جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر گهرايو، جڏهن ته سومر ڏينهن جي آءِ آڏو پيش ٿيڻ لاءِ وياسين ته ڊي آءِ جي اسان کي 4 ڪلاڪ دروازي ٻاهران بيهاري تذليل ڪئي ۽ بغير پڇڻ جي واپس موٽائي ڇڏيو جنهن بعد اسان جي مٿان 201 قلم لڳائي قاتلن سان گڏ زارا جي قتل ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

ڊي آءِ جي کي ڪهڙو حق پهچي ٿو ته اسان کي قتل ڪيس ۾ شامل ڪري جوابدار بڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن ڊي آءِ جي کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڊي جي هيلٿ جي معرفت انڪوائري مقرر ڪرائي ها. اسان زارا منگيءَ جي قتل جا گواهه آهيون ۽ اسان جي گواهيءَ کان بغير زارا جي قاتلن کي سزا نٿي اچي سگهي. هن چيو ته ڊاڪٽر نائلا ڀٽو ۽ مان زارا جي خون سان انصاف لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين.

زارا کي بيگناهه جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي جنهن بابت مون زارا جي چاچي کي به ٻڌايو هو ته نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي، جيڪا تصديق اسان ليبارٽري مان رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪري سگهنداسين. هنن چيو ته اسان جي 12 ڪلاڪن واري رپورٽ کي 16 ڏينهن بعد واري رپورٽ سان نه ڳنڍيو وڃي.

16 ڏينهن کانپوءِ انساني جسم مان رت وهندو آهي، اکيون ۽ وات کلي ويندو آهي، اسان جي 12 ڪلاڪن واري رپورٽ کانپوءِ هڪ پروفيسر 16 ڏينهن واري رپورٽ سان ڳنڍي غلط بياني ڪري رهيو آهي. زارا جي ٻانهن ۽ مٿي جي هڏي ڀڄڻ واري تصديق پروفيسر ڪيئن ڪري رهيو آهي ڇا اهو قبرستان ۾ ايڪسري مشين پاڻ سان ساڻ کڻي ويو هو؟ هن چيو ته اسان کي جڏهن پوسٽ مارٽم جي شروعات ۾ ئي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي ويو ته پوءِ ان جي چير ڦاڙ ڇو ڪريون؟ موت جو ظاهر ڪارڻ نه ملندو ته پوءِ ان جي چير ڦاڙ ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو آهي جڏهن زارا منگيءَ جي ڳلي مان رسي ملي ۽ ان مان فوت جو ڪارڻ واضع ٿي ويو ته کيس گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ته پوءِ اسان وڌيڪ چير ڦاڙ ڪري پوسٽ مارٽم ڇو ڪريون؟ هن چيو ته قتل ڪيس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڪوتاهي ڪرڻ تي صرف معطل ڪري ٿو ۽ اسان کي وري ڪيس ۾ شامل ٿو ڪري ڇا اها ناانصافي ناهي؟ ان ۾ سموري پوليس ۽ ميڊيڪل بورڊ جي ملي ڀڳت آهي.

ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امداد گهانگهرو ۽ گل محمد هڪڙو، اعجاز سولنگي، آصف شيخ ۽ ٻين چيو ته اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرياڻين کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ خلاف اڄ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن سراپا احتجاج بڻيل آهي، سمورن ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ سان گڏ او پي ڊيز جو پڻ بائڪاٽ ڪيو ويو آهي ۽ سڀني ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسان ڪابه ايم ايل سي يا پوسٽ مارٽم نه ڪنداسين، پوليس پنهنجو ٽيمون مقرر ڪري جيڪي هتي اچي پوسٽ مارٽم ڪن.

ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي سکيا لاءِ اسان آءِ ايڇ ايس ۽ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سان رابطو ڪيو آهي ۽ ڪوشش آهي ته جن ڊاڪٽرياڻين جي ٽريننگ ناهي ٿيل انهن کي باضابطا ٽريننگ ڏياريون. پوليس جيڪو ڊاڪٽرياڻين کي ڏوهاري بڻائي ٽارگيٽ بڻايو آهي، اهو سراسر غلط عمل آهي. امداد گهانگهرو چيو ته مان نئون ديرو اسپتال جو ايم ايس آهيان، ڊي آءِ جي ڏانهن جڏهن ڊاڪٽرياڻين سان گڏ وياسين ته هن اسان سان ملڻ به گوارا نه ڪيو، ايتري قدر جو اسان پرچي به لکي موڪلي پر ان باوجود اسان کي 4 ڪلاڪ انتظار ڪرائي واپس موٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته جي آءِ ٽي سان اوهان پاڻ رابطو ڪيو.

هن چيو ته پوليس پاران ڊاڪٽرياڻين کي حراسان ڪيو پيو وڃي، جيڪو غلط عمل آهي، ڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر نائلا ۽ افشين ڀٽو مٿان لڳايل 201 وارو قلم واپس وٺي، ٻي صورت ۾ پيراميڊيڪل عملو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪرڻ سميت ڪو به پوسٽ مارٽم نه ڪندا.01