حيدرآباد ۾ اينيمل هسبينڊري کاتي جي ملازمن پاران ڊائريڪٽر احتشام الحق خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) جمعو 23 آگسٽ 2019ع:اينيمل هسبينڊري کاتي جي ملازمن پاران اينيمل هسبينڊري سنڌ جي ڊائريڪٽر احتشام الحق جي مبينا ڪرپشن خلاف به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي سيد منور علي شاهه، شهباز جتوئي، محمد مٺن ميمڻ، اسلم لاشاري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته جڏهن کان احتشام الحق ڊائريڪٽر ٿي آيو آهي، تڏهن کان سنڌ جي سمورين اينيمل هسبينڊري اسٽيشنن تي ڪو به ڪم ڪار نه ٿي رهيو آهي، آفيسون غير فعال بڻجي ويون آهن.

هنن چيو ته ڪروڙن جي بجيٽ ڊائريڪٽر احتشام الحق پنهنجي ذاتي ۽ شاهي خرچن تي خرچ ڪري پيو، ان کان ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي، کاتي جا اينيمل فارم تباهه ٿي ويا آهن، هزارين ايڪڙن تي موجود فارمن تي جانور بک مري رهيا آهن، انهن جي گاهه پٺي ۽ چاري جا پئسا به احتشام الحق هڙپ ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته غريب ماڻهن کي جانورن جي علاج جون سهولتون نه ملي رهيون آهن، ڪروڙن جون دوائون ڪيڏانهن ويون، ڪا به خبر ناهي، جڏهن ته فارمن جي آمدني سرڪاري اڪائونٽن ۾ پڻ جمع نٿي ڪرائي وڃي ۽ نه ئي او پي ڊي جمع ٿئي ٿي، ان کان علاوه ننڍا ملازم پڻ مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهن.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري احتشام الحق جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرائي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.01