ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا

news

ڊيره اسماعيل خان:(ڇنڇر 24 آگسٽ 2019ع)  ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درابن ڪلان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب درابن ڪلان چيڪ پوسٽ تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ويجهو بيٺل 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ سبب حملي آور فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ هڪ شخص هوٽل ۽ ٻيو پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندو هو.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن  شروع ڪري ڇڏيو آهي.