والاريل ڪشمير ۾ ايڪهين ڏينهن به ڪرفيو لاڳو هجڻ باوجود ڪشميرين جي احتجاج جو سلسلو جاري

news

سري نگر: (آچر 25 آگسٽ 2019ع) والاريل وادي ۾ اڄ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي 21هون ڏينهن آهي. جڏهن ته ڪرفيو لاڳو هجڻ باوجود ڪشميرين جي احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

ڪشمير ۾ جڳهه جڳهه تي ڀارتي فوجي مقرر آهن. ڪشميرين جو چوڻ آهي ته هو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي آزادي حاصل ڪري ئي رهندا. حريت اڳواڻن پاران مظاهرا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هر جڳهه تي احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

وادي ۾ آزادي جي نعرن جي گونج آهي. ڪشميرين ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف ڪشميرين جا ارادا بلند آهن ۽ هڪ ٻئي پٺيان گرفتارين جي باوجود ڪشميرين جا حوصلا مضبوط آهن ۽ ڀارت جي خلاف احتجاج جو سلسلو به جاري آهي. ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪشميري گهرن ۾ قيد آهن. 

زندگي جو نظام مفلوج بڻجي ويو آهي. ڀارت سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي پر والاريل وادي ۾ اسڪول، ڪاليج، ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ به بند آهي.

ڪشميري عوام خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سبب حريت اڳواڻن ڀارت جي خلاف مظاهرا جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.