ڪوٽڙي ۾ ساس پاران ڪهاڻيڪار علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ جي ياد ۾ تقريب

news

ڪوٽڙي: آچر 25 آگسٽ 2019ع:ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران مهان ڪهاڻيڪار علي بابا ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عبدالڪريم بلوچ جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب ۾ اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سميت مختلف مڪتبي فڪر سان تعلق رکندڙن شرڪت ڪري علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ جي قلمي پورهي تي روشني وڌي. ذوالفقار هاليپوٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي جس آھي، جنهن ڪوٽڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ ٻن مهان شخصيتن جي ياد ۾ تقريب رکي. انهن کي ياد ڪيو آھي، علي بابا جهڙو ڪهاڻيڪار سنڌ لاءِ انمول هيري جيان هو، هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ماڻهن جو درد سمايل هو، عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي تي سنڌ جي جهرجنگ مان سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن کي متعارف ڪرايو.

هي ٻئي عظيم شخصيتون هيون، جن کي سنڌ هميشه ياد رکندي. تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪ نصير مرزا چيو ته علي بابا جو ڪهاڻيون ۽ عبدالڪريم بلوچ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي. هنن جي ڪري اسان به ريڊيو پاڪستان ۾ پير پاتو ڪوٽڙي جي ڳوٺ يوسف بلوچ مان علي بابا، عبدالڪريم بلوچ، ساقي، هارون رند ۽ ٻين جي صورت ۾ علم جي کيپ نڪتي، جنهن اڳتي هلي، سنڌ جي علم، ادب لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ به اهڙن علم دوستن مان هڪ آھن. سنڌي ادب جا هي ٻئي وڏا نالا آھن، سندن فن جو ڪو متبادل ناهي، اسان هنن کي فالو ڪري رهيا آھيون، علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ جي اجتماعي ڪم تعريف جي لائق آھي.

پروفيسر قلندر شاھ لڪياري خطاب ۾ چيو ته علي بابا نج ڪهاڻيڪار هو. هن کي فطرت جي سونھ ۾ به ڪهاڻي نظر ايندي هئي ته رستي واٽ تي راند ڪندڙ ٻارن جي جيئھ ۾ جاتي پائي ڪهاڻي هٿ ڪري وٺندو. عبدالڪريم بلوچ ته پي ٽي وي تي سنڌ جي اداڪارن کي متعارف ڪرائڻ سان گڏ ٻولي جي رکوالي طور ڪردار ادا ڪيو هن جي وقت ۾ پي ٽي وي تي سنڌي لوڪ ادب، راڳ، سهرا، توڙي سنڌ سان ٿيندڙ ڪلور به پي,ٽي وي تي نظر آيا علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ مان افسوس اهو ٿيو جو ڪنهن حاصل نه ڪيو , تقريب کي شفيع چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ سنڌي ماڻهن جي سونھ آھن اهو ڪچهرين جا مور هئا سندن انسانيت جي خدمت روح ۾ شامل هئي انهن کي ڪٿان ٿو وساري سگهجي.

ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ جو ادبي ڪم ويب سائيٽ تي رکڻ گهرجي علي بابا پنهنجي دور جو نمايا ۽ ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو، هو وڏو ڌرتي پسند هو، شاعر گلبدن جاويد مرزا خطاب ڪندي چيو ته عبدالڪريم بلوچ سنڌ جي ٻين ماڻهن سان گڏ ممتاز مرزا کي به پي ٽي وي تي وٺي ويو، عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي تي سنڌي ٻولي، ثقافت جي وڏي خدمت ڪئي. علي بابا جون ڪهاڻيون ڪير گڏ ڪري ڏي ته سنڌي ادبي بورڊ انهن ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائيندو.

علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ ٻئي وڏا نالا آھن، انهن تي ڪم جي ضرورت آھي. نواب جهتيال، ساس ڪوٽڙي جي سيڪرٽري نعيم ملڪ، محبوب سنڌي، صائب ميمڻ، سرور نواز ٻگهيو، منصور قادر جوڻيجو، عاشق دادوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ انسائيڪلوپيڊيا هئا. اهو سماجي نفسيات جا ماهر هئا. هنن وٽ سنڌ جو درد هو اڄ سندن ڪيل قلمي پورهيو، سنڌ هميشه ياد رکندا ڪوٽڙي سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن جو شهر آھي. ان علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ جهڙا ڪردار ڏنا.01