نئون ديرو ويجهو نوجوان رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

news

نئون ديرو: اڱارو 27 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن واهڻ ۾ سومر ڏينهن مڇي مارڻ لاءِ ويل 38 ورهين جو پورهيت نوجوان غلام نبي بروهي رائيس ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي ويو هو جنهن جي لاش جي ڳولا 24 ڪلاڪن کان و جاري هئي. اطلاع باوجود پوليس فوتيءَ جي لاش جي ڳولا ۾ وارثن جي ڪا مدد نه ڪئي ۽ نه ئي سرڪاري سطح تي ڪي ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا شروع ڪئي وئي جنهن ڪري ڳوٺاڻا رائيس ڪئنال جي مختلف پلين توڙي ڪپرن تي بي يارو مددگار لاش جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل رهيا. پوليس سومر جي شام جو خالي چڪر هڻي واپس موٽي وئي ۽ صبح جو ڇهين وڳي اچڻ جو چئي لاتعلق بڻجي وئي جنهن ڪري صبح جو ٻارهين وڳي تائين ٽوٻا نه پهچڻ تي ڳوٺاڻا مڇرجي روڊن تي نڪري آيا.

ڳوٺ حسن واهڻ جي رهواسي غفور بروهي، حبيب الله بروهي، رمضان بروهي، پٺاڻ بروهي، رجب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن حسن واهڻ لاڙي وٽان سکر - لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جڏهن ته مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي مٿين ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪالهه شام کان اسان جو نوجوان رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي جنهن جي لاش جي ڳولا لاءِ پوليس توڙي انتظامي عملدارن کي واقعي بابت اطلاع ڏنو آهي پر هن وقت تائين ٽوٻا ناهن اماڻيا ويا جيڪي لاش جي ڳولا ڪري سگهن. اسان 18 ڪلاڪن کان رائيس ڪئنال جي ڪپر تي بي يارو مددگار بيٺل آهيون، پوليس به خالي چڪر ڏئي واپس موٽي وئي ۽ ٽوٻا گهرائڻ جو آسرو ڏئي غائب ٿي وئي ۽ هن وقت تائين ظاهر نه ٿي آهي.

اسان ڪاڏي وڃون ڪنهن وٽ دانهيون ڪو مالڪي ڪرڻ وارو ئي نه آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تڪ جا ووٽر آهيون پر ڪو به انتظامي عملدار اسان جي دانهن ٻڌڻ باوجود تدارڪ نٿو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته ٻڏي ويل نوجوان غلام نبي بروهي جي لاش جي ڳولا لاءِ ٽوٻا گهرائي مدد ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد لاڙڪاڻي کان سرڪاري ٽوٻا ڌرڻي واري هنڌ پهتا جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪري ٻڏي ويل نوجوان غلام نبي  بروهيءَ جي لاش جي ٻيهر ڳولا شروع ڪئي وئي.

واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد سرڪاري ٽوٻن ٻڏي ويل نوجوان جو لاش سعدو ديرو ڀرسان رائيس ڪئنال جي پل وٽان هٿ ڪيو جنهن کي پوليس ڪئنال کان ٻاهر ڪڍرائي نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. وارث عورتون فوتيءَ جي لاش کي چنبڙي پار ڪڍي روئي رهيون هيون.

هوڏانهن فوتي نوجوان جي مامي محمد عظيم بروهي ٻڌايو ته ڀاڻيجو غلام نبي بروهي ڪالهه شام گهرن جي سامهون رائيس ڪئنال مان مڇي مارڻ لاءِ ڪئنال جي ڪپر تي ويٺو هو جتان اوچتو پير ترڪڻ سبب هو ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي ويو جنهن جو لاش 24 ڪلاڪن بعد هٿ آيو آهي.

ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته ٻڏي فوت ٿي ويل غلام نبي بروهي پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندو هو کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته فوتي غلام نبي بروهيءَ کي دماغي بيماري هئي پاڻيءَ ڏسندي ئي کيس دورا پوندا هئا جنهن ڪري خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته غلام نبي کي مڇي مارڻ دوران اوچتو دوروپئجي ويو هوندو جنهن ڪري هو رائيس ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.01