نئون ديرو ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار بدرالدين جوڻيجو ڪينسر وگهي فوت

news

نئون ديرو: اڱارو 27 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار بدرالدين جوڻيجو جيري جي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو آهي.

ٻڌايو وڃي ٿو ته کيس ڊگهي عرصي کان جيري جي ڪينسر هئي، جنهن سبب هو ڪيتري عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي پيل هو، جيڪو پنهنجي گهر اندر فوت ٿي ويو.

سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد فوتيءَ جي وصيت موجب سندس مڙهه کي ٺل جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.01