نئون ديرو ۾ پيپلز يوٿ پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي

news

نئون ديرو: آچر 01 سيپٽمبر 2019ع:پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيسن ۾ گرفتاري ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ کين اسپتالن مان زبردستي جيل اماڻڻ واري عمل خلاف پيپلز يوٿ سٽي نئون ديرو پاران ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مهراڻ ناريجو، اصغر ناريجو، عبدالڪريم سومرو، برڪت لاشاري، جاويد ڪلهوڙو، طاهر حسين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ پارٽي جهنڊا کڻي پارٽي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن کان نعريبازي ڪندا پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن چيو ته هن وقت نيب نيازي سيڪار جي بي ٽيم ٿي چڪي آهيعوام جبر جي قانون کي نه ٿو مڃي، آصف زرداري کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ جيل قانون جي ڀڄڪڙي آهي قيادت مٿان دٻاءُ وجهي غير قانون فيصلا نه ٿا ڪرائي سگهجن. نيازي سرڪار سوچيل سمجهيل سازش تحت پيپلز پارٽي قائدين ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انتقامي ڪاروايون ڪري رهي آهي.

هنن جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي حالت انتهائي ناساز آهي جن کي اسپتال ۾ رکڻ بجاءِ علاج ڏياري زبردستي جيل ۾ رکي اذيتون ڏنيون پيون وڃن جيڪو عمل قابل برداشت نه آهي.

هنن چيو ته پارٽي قائدين لاءِ جيل ۽ ڪوڙا ڪيس نئين ڳالهه نه آهن. پارٽي قائدين اڳ به جيل ڀوڳيا آهن ۽ ڪيسن کي منهن ڏنو آهي جن مان هو با عزت بري ٿي ويا ۽ هاڻ به انتقامي ڪاروائي طور داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيندا.

هنن جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار انساني حقن جي لتاڙ ڪندي هڪ ڌيءَ کي پيءُ سان ملڻ جي اجازت ناهي ڏني ايتري قدر جو آصفه ڀٽو زرداريءَ کي عدالت اجازت نامو به ڏنو هيو پر ان باوجود کيس پنهنجي پيءُ سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اسپتال جا دروازا بند ڪيا ويا. هنن مطالبو ڪيو ته پارٽي قائدين ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس وٺي کين هڪدم آزاد ڪيو وڃي.01