ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندو عورت پوليس آفيسر بڻجي وئي

news

ڪراچي: (خميس 05 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان جي پهرين هندو عورت پوليس آفيسر بڻجي وئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گذريل ڏينهن مقابلي جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ته ڪامياب اميدوارن ۾ پشپا ڪماري به شامل هئي.

امتحان ۾ ڪاميابي کان پوءِ هو سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ڀرتي ٿي وئي آهي. پشپا ڪماري جو تعلق ڪولهي برادري سان آهي. سامارو جي رهواسڻ پشپا ڪماري ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ڪريٽڪل ڪيئر آءِ سي سي ۾ گريجوئيشن ڪيو آهي.

پشپا ڪماري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڪاميابي والدين جي دعائن جو نتيجو آهي. بهادر ۽ ايماندار پوليس آفيسر جي حيثيت سان سڃاڻپ قائم ڪرڻ چاهيان ٿي.  هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه شخص پنهنجي ذات، رنگ يا نسل جي بنياد تي نه پر ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي سڃاتو ويندو آهي.

مان چاهيان ٿي ته منهنجي برادري جون ٻيون ڇوڪريون به تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن.