طالبان سان معاهدي تي خدشا، اشرف غني آمريڪي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

news

ڪابل: جمعو06سيپٽمبر2019ع: افغان صدر اشرف غني پهريان کان طئه ٿيل واشنگٽن دوري کي ملتوي ڪري ڇڏيو.

افغان ميڊيا موجب صدر اشرف غني کي ڇنڇر تي 13 رڪني وفد سان گڏ واشنگٽن روانو ٿيڻو هو جتي سندس سومر جي ڏينهن صدر ٽرمپ سان ملاقات طئه هئي جڏهن ته افغان صدر اهو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.

افغان ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ڪابل ۾ ٿيندڙ ڪار بم ڌماڪي کانپوءِ صدر اشرف غني پنهنجي بيان ۾ افغان طالبان سان ڳالهين تي چيو هو ته طالبان سان امن بي معنيٰ آهي.

افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي جي باوجود ڪابل ۾ هڪ هفتي دوران ٻه وڏا ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت عام شهري پڻ مارجي ويا.

افغان صدر ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان کي طالبان جو مجرماڻو فعل قرار ڏنو ۽ چيو ته عالمي برادري فوجي گروپ طرفان اهڙي طرح جي حملن تي خاموش نه رهي.

اشرف غني جو چوڻ هو ته اهڙو گروپ جيڪو اڃان به بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي لڳل آهي ان کان امن جي اميد لڳائڻ بي معنيٰ آهي.