چوهڙ جمالي ۾ يوم دفاع جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي

news

چوهڙجمالي: چوهڙجمالي ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي شھداءِ پاڪ فوج ۽ ڪشميرين سان يڪجھتي جو ڏھاڙو جوش جذبي سان ملھايو ويو.

انھيءَ سلسلي ۾ سني تحريڪ جي اڳواڻ مولوي منظور قادري، محمد صديق ميمڻ، چوھڙجمالي پريس ڪلب جي صدر قادر ڪيھر، مجلس وحدت المسلين جي علي حسن ماڇي، ھندو پنچائت جي ايشور ڪمار، رانجھو مل ۽ جي ڊي اي اڳواڻ عرفان کتري جي اڳواڻي ۾  المدينا مسجد کان مدني چوڪ تائين ھڪ وڏي گڏيل  ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ ڪشميري ڀائرن جي حمايت ۽ ڀارتي جارحيت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير اسان جي ساهه ۾ سمايل آھي، مودي جنونيت جو شڪار بيگناهه ڪشميري مظلومن تي ظلم ڪري رھيو آھي پر ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ٿيڻ کان ڪير نٿو روڪي سگھي.

ھنن چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينھن ملڪي سطح تي اھميت رکي ٿو. پاڪ فوج جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ ڀارت باز نه  آيو ته پاڪ فوج ۽ پاڪستاني بھادر قوم کيس ڇٺي جو کير ياد ڏياري ڇڏيندي.