ٽنڊو محمد خان ۾ يوم دفاع جي موقعي تي فاريسٽ کاتي پاران ٻوٽا پوکي ڀيٽا ڏني وئي

news

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ يوم دفاع جي موقعي تي شهيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ فاريسٽ کاتي طرفان ڪاليجن، اسڪولن، سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻوٽا پوکي ڀيٽا ڏني وئي.

ان سلسلي ۾ فاريسٽ جي ڊويزنل آفيسر زبير احمد چنڙ، شهيدن جي ڀيٽا لاءِ ٻوٽا پوکڻ واري مهم جي سلسلي ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ عوام کي پنهنجي گهرن جي اندر ۽ ٻاهر پڻ ٻوٽا پوکڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن ملڪ مان ماحوليات کي آلودگي کان بچائي وبائي بيمارين جو خاتمون آڻي سگهجي.

جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن طرفان يوم دفاع ۽ ڪشمير جي يڪجهتي لاءِ گڏيل ريليون پڻ ڪڍيون ويون.