پنجاب انفارميشن ڪميشن سڃاڻپ ڪارڊ جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا

news

لاهور: (ڇنڇر07 سيپٽمبر2019ع) پنجاب انفارميشن ڪميشن سڃاڻپ ڪارڊ جي غلط استعمال کي روڪڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

چيف انفارميشن ڪمشنر چيو  آهي ته ڪنهن به ڪيس ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي نمبر کي ڪاري مس سان لڪيرون هڻي پوءِ ڏنو وڃي. پنجاب انفارميشن ڪميشن اهڙا حڪم هڪ درخواست تي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ جاري ڪيا آهن. 

جاري ڪيل حڪمن موجب سڃاڻپ ڪارڊ مان ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو غلط استعمال ڪري سگهجي ٿو، جتي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ڏيڻي هجي اتي نمبر تي ڪاري مس سان لڪيرون ڪڍي پوءِ ڪاپي ڏني وڃي.