مدئجي ويجهو مرمتي ڪم دوران ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، ٻه پورهيت فوت، ٽي زخمي

news

مدئجي: مدئجي ويجهو ڳوٺ پيارو خان خروس ۾ گهر جي مرمتي ڪم دوران گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، هڪ اوستو ۽ پنج مستري ملبي هيٺان دٻجي ويا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽائي دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو، 2 پورهيت مزدور فوت، 3 مزدور زخمي.

رپورٽ موجب مدئجي ويجهو تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو خان جتوئي ۾ محمد خان جتوئي جي هلندڙ گهر جي ڪم دوران ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي.

جنهن سبب ڪم ڪندڙ پنج پورهيت ملبي هيٺان دٻجي ويا. جن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽائي ڪڍيو، جنهن دوران ٻه پورهيت علي دوست جيهو ۽ رفيق هڪڙو موقعي تي فوت ٿي ويا.

جڏهن ته 3 مزدور ميهر علي بروهي، مانجهي خان خروس ۽ مختيار ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتين کي ڳوٺاڻن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي سوين شهري اسپتال پهچي ويا.

هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته مزدور پنهنجي ڏينهن جو گذر سفر لاء مزدوري تي ويل هئا، جيڪي اجل جو شڪار ٿيا.

فوتين مان رفيق هڪڙو جيڪو مدئجي جي عباسي محلي جو رهواسي هو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

جڏهن ته ٻئي پورهيت علي دوست جيهو جو لاش ڳوٺ تاجوديرو پهچايو ويو جتي سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.