نيوڪليئر ڊيل جي ڊيڊلائن ختم: ايران جديد جوهري سينٽري فيوجز هلائي ڇڏيا

news

تهران: ڇنڇر07سيپٽمبر2019ع: نيوڪليئر ڊيل بچائڻ لاءِ يورپي ملڪن کي ڏنل ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ تي ايران جديد جوهري سينٽري فيوجز هلائي ڇڏيا.

اٽامڪ انرجي آرگنائزيشن آف ايران موجب جديد سينٽري فيوجز هلائڻ سان ملڪ جي يورينيئم جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، تحقيق ۽ ترقي لاءِ IR-4 20 ۽ IR-6 20 نالي سينٽري فيوجر کي هلايو ويو آهي.

ترجمان بهروز ڪمال وندي جو چوڻ آهي ته انهن مشينن جي صلاحيت گذريل مشينن جي صلاحيت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ايراني قدمن بابت انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي کي ٻڌايو ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ايران يورپي ملڪن جي ڊيل بچائڻ لاءِ قدمن ۾ ناڪامي  تي يورينيئم جي استعمال ۾ 3.67 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي هئي.