لاهور ۾ پوليس تشدد سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ وارو مامرو: پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد جي تصديق

news

لاهور: (آچر 08 سيپٽمبر2019ع) لاهور ۾ پوليس تشدد سبب نوجوان عامر مسيح جي فوت ٿيڻ واري سي سي وڊيو منظر عام تي اچي وئي جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به نوجوان تي تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي.

3 سيپٽمبر تي لاهور پوليس وٽ گرفتاري دوران عامر مسيح نالي نوجوان فوت ٿي ويو هو جنهن جو الزام وارثن پوليس اهلڪارن مٿان هنيو هيو ۽ احتجاج ڪندي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو هو. سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تشدد کان پوءِ طبيعت خراب  ٿيڻ تي 2 پوليس اهلڪار عامر کي موٽر سائيڪل تي اسپتال کڻي آيا.

ڪجهه دير ۾ کيس وهيل چيئر تي اسپتال کان ٻاهر کڻي آيا ۽ آن لائن ٽيڪسي ۾ ويهاري کڻي ويا. آءِ جي پنجاب جي نوٽيس تي ايس پي جاچ کي عهدي تان هٽايو ويو هو جڏهن ته جاچ آفيسر ذيشان ۽ مفرور 5 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عامر مسيح جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا نشان به  نظر اچي رهيا آهن. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب عامر مسيح جي ٻنهي هٿن ۽ پيرن تي تشدد جا نشان هئا. چيلهه ۽ ٻانهن تي به تشدد جا نشان هئا.

ٻئي طرف پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل چيو آهي ته پوليس ريفارمز جو ڊرافٽ تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي. ٻن ٽن هفتن ۾ ان حوالي سان فيصلو ٿي ويندو.