پاڪپتن: ٻه تيز رفتار ڪارون ريس لڳائڻ دوران ٽڪرائجي ويون، چار ڄڻا فوت

news

پاڪپتن: (آچر 08 سيپٽمبر2019ع) پاڪپتن نور پور جي ويجهو ٻه تيز رفتار ڪارون ريس لڳائڻ دوران پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو.

فوت ٿيندڙن جون لاشون ۽ زخمين کي طبي امداد جي لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪپتن ساهيوال روڊ تي نور پور اڏي ويجهو 2 تيز رفتار گاڏيون ريس لڳائڻ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻن اسپتال منتقلي دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.

جنهن کان پوءِ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 4 ٿي ويو جڏهن ته ڪار جو ڊرائيور معجزانه طور تي بچي ويو جنهن کي معمولي ڌڪ لڳا آهن.

ريسڪيو 1122 جون ٽيمون اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي ويون ۽ فوت ٿيندڙ ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. زخمي ڊرائيور کي آءِ سي يو وارڊ ۾ طبي امداد ڏني وئي.

فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ سيد فرمان شاهه، نعمان منير، سيد حسن شاهه ۽ محمد زاهد سان ٿي آهي جنهن جو تعلق لاهور جي اردو بازار سان ٻڌايو وڃي ٿو.