جاپان ۾ ڪروڙين سال پراڻي ڊائنوسار جي نئين نسل هٿ

news

ٽوڪيو: (آچر 08 سيپٽمبر2019ع) سائنسدانن جاپان ۾ ڊائنوسار جي هڪ نئين نسل هٿ ڪري ورتي آهي جنهن جي پيمائش 24 فٽ آهي ۽ هي زمين تي 7 ڪروڙ سال اڳ نظر ايندي هئي.

سائنسي ميگزين سائنٽيفڪ جي رپورٽس ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق موجب هوڪائيڊو يونيورسٽي جي محقق يوشينسوگو  ڪوبايانشي پنهنجي ٽيم سان گڏ جاپان جي تاريخ ۾ سڀني کان وڏي ڊائنوسار جو ڍانچو هٿ ڪيو آهي. 

 سائنسدانن کي 2013 ۾ ان ڊائنوسار جي صرف پُڇ جي هڏي ملي هئي پر 4 سال جي مسلسل محنت ۽ آسپاس جي  زمين تي کوٽائي کان پوءِ ماهرن هينئر تائين مڪمل ڍانچو هٿ  ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

جاپاني سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته هي ملڪ مان ملندڙ  هينئر تائين جو سڀني کان وڏو ڊائنوسار آهي جنهن جي ڊيگهه 8 ميٽر يعني 24 فٽ آهي جڏهن ته مرڻ وقت ان جي عمر 9 سال ۽ وزن 4 کان 5 ٽن جي وچ ۾ ٿي سگهيو ٿي.

ڊائنوسار جي هي نسل سبزي خور هئي ۽ گهڻو ڪري سمنڊ ڪناري رهڻ پسند ڪندي هئي. هي ڊائنوسار زمين تي 7 ڪروڙ 20 لک سال پهريان رهندي هئي.