ميرپور ماٿيلو جي گِل ڪالوني جو ٽرانسفارمر هفتي کان سڙيل، رهواسي عذاب ۾ مبتلا

news

ميرپور ماٿيلو: ميرپور ماٿيلو جي گِل ڪالوني جو ٽرانسفارمر گذريل هفتي کان سڙيل آهي، جنهن سبب سخت گرمي سبب معصوم ٻارڙا توڙي پوڙها، پڪا بيحال ٿي ويا آهن.

جڏهن ته پوري گِل ڪالوني اندر گهرن توڙي مسجدن ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ پاڻي پيئڻ توڙي وهنجڻ لاءِ به پاڻي جي شديد کوٽ آهي.

جڏهن ته واپڊا وارن کي ڪالوني جي رهواسين مٿان ڪو به رحم نه آيو، محرم الحرام جي مهيني باوجود پاڻي جي کوٽ آهي.

هوڏانهن وري گِل ڪالوني ۾ 2 گورنمينٽ اسڪول سميت ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول هجڻ جي باوجود ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

هوڏانهن گِل ڪالوني جي رهواسين پاران رات تائين ٽرانسفارمر نه ٺهڻ جي صورت ۾ سڀاڻي ايڪسيئن جي گهر ٻاهران احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.