افغان امن ڳالهيون معطل: طالبان پاران آمريڪا کي سخت نتيجن جي ڌمڪي

news

ماسڪو: آچر08سيپٽمبر2019ع: طالبان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان افغان امن ڳالهين جو سلسلو معطل ڪرڻ تي پهريان کان وڌيڪ سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

خابرو اداري موجب افغان طالبان جي ترجمان ذبيع الله مجاهد چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ڳالهين جو سلسلو معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هاڻ آمريڪا کي پهريان جي مقابلي ۾ غير معمولي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو پر پوءِ به مستقبل ۾ ڳالهين لاءِ دروازا کليل رهندا.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طالبان سان جاري امن ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪندي طالبان اڳواڻن سان اڄ ٿيندڙ ڳجهي ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي هئي.جنهن تي هڪ جاري بيان ۾ ذبيع الله مجاهد چيو ته اسان کي يقين آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين لاءِ ايندو.

هن چيو ته 18 سالن تي ٻڌل اسان جي ويڙهه سان آمريڪين تي ثابت ٿي چڪو هوندو ته جيستائين افغانستان مان پرڏيهي فوجين جي نيڪالي نه ٿيندي تيستائين اطمينان نه ملندو، هن جو چوڻ هو ته ان ئي عظيم مقصد لاءِ پنهنجي هاڻوڪي جهاد کي جاري رکنداسين.

ان کان علاوه امارات اسلاميه افغانستان جي ويب سائٽ تي طالبان جاري بيان ۾ چيو ته ڪلهه تائين آمريڪي جي ڳالهين واري ٽيم اڳڀرائي تي راضي هئي جڏهن ته ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ ختم ٿيون هيون، ڌريون معاهدي جي اعلان ۽ صحيحن جي تيارين ۾ مصروف هيون.

وڌيڪ ٻڌايو ويو ته معاهدي تي صحيحن ۽ اعلان کانپوءِ اسان افغان ڳالهين جي پهرئين دور لاءِ 23 سيپٽمبر جو ڏينهن مقرر ڪيو هو. ذبيع الله مجاهد چيو ته خطي، دنيا جي ٻين ملڪن ۽ عالمي تنظيمن به افغان امن عمل جي حمايت ڪئي هئي.