يزيد جيان ڀارت ۽ ظالم مودي به عبرت جو نشان بڻجندو: فردوس اعواڻ

news

سيالڪوٽ: سومر09سيپٽمبر2019ع: سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن يزيد جيان ڀارت ۽ ظالم مودي به عبرت جو نشان بڻجندو ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فردوس اعواڻ چيو ته قاتل مودي جي غاصب فوج جي بدترين گهيراءُ ۽ ڪرفيو باوجود ٻاهر نڪري ڪشميرين حضرت امام حسين عه جي سنت کي زنده ڪيو.

حسينيت جي علمبدارن ڀارتي جبر کي للڪاريو ۽ حق ۽ سچ تي ڄمي رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، حضرت امام  حسين عه جو نالو وٺڻ تي ڀارتي فوج جو حملو اڄ ڪربلا جي معرڪي جو هڪ تسلسل آهي، اهو حملو ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بدترين مثال آهي.

خاص معاون چيو ته يزيد جو پيروڪار مودي مظلوم ڪشميرين جي بنيادي آئيني، جمهوري ۽ انساني حق غصب ڪري انهن جي مذهبي آزادي به هڙپ ڪري ورتي.