اولڊ ٽريفورڊ ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست، آسٽريلوي ٽيم ايشز ٽرافي تي قبضو يقيني بڻائي ورتو

news

لنڊن: سومر09سيپٽمبر2019ع: آسٽريليا ايشز ٽرافي تي قبضو يقيني بڻائي ورتو، چوٿين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 185 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-1 جي ناقابل شڪست برتري حاصل ڪري ورتي.

383 رنسن جي حاصلات ڪندڙ انگلش ٽيم 197 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ لاءِ ميزبان سائيڊ آخري ڏينهن 83 اوورن تائين ڀرپور مزاحمت ڪئي، جو ڊينلي 53 ۽ جوز بٽلر 34 رنسن سان نمايان رهيا، پيٽ ڪمنز 4 اهم ترين وڪيٽون ورتيون، جوش هيزل ووڊ ۽ نيٿن ليون به 2 ،2 شڪار ڪيا.

تفصيل موجب مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل چوٿين ايشز ٽيسٽ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي آخري ڏينهن 185 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سيريز ۾ 2-1 جي ناقابل شڪست برتري حاصل ٿيڻ ڪري ڪينگروز جو ايشز ٽرافي تي قبضو به پڪو ٿي ويو آهي.

ايندڙ ميچ ۾ ميزبان ٽيم فتح حاصل ڪري به ٽرافي نه کٽي سگهندي، آسٽريليا جي ڪاميابي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيون سمٿ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن پهرين اننگز ۾ ڊبل سينچري جڏهن ته ٻئين واري ۾ ڪارائتيون 82 رنسون ٺاهيون.

ان کان اڳ 383 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ ويندڙ انگلش ٽيم جي شروعات ئي انتهائي مايوس ڪندڙ انداز ۾ ٿي جڏهن ته ان جون 2 وڪيٽون ٻُڙي تي ئي ڪري پيون هيون جڏهن ته جو ڊينلي ۽ جيسن روئي چوٿين ڏينهن جي خاتمي تائين وڌيڪ ڪنهن نقصان کان انگلينڊ کي بچائي ورتو هو، آخري ڏينهن جي شروعات تي ٽيم 18 رنسون 2 وڪيٽن کان ڪيو جڏهن ته مجموعي اسڪور 66 ٿيو ته اوور نائٽ جوڙي ٽٽي وئي.